الهداد خان صوفي نواب

الهداد خان صوفي نواب: نواب الهداد خان صوفي، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238هه/1823ع ۾ ڄائو. دستور موجب هن لاءِ فارسيءَ جي اعليٰ تعليم جو انتظام ڪيو ويو. هي اڃا نون سالن جو ننڍو ٻار هو ته سندس والد بزرگ نواب ولي محمد خان وفات ڪري ويو. هيءُ ننڍپڻ ۾ ئي مير نصير خان وٽ ملازم ٿيو. اعليٰ اخلاق ۽ ذهانت جي ڪري درٻار ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ 1847ع ۾ انگريز حڪومت ۾ سيوهڻ جو مختيار ڪار مقرر ٿي رهيو ۽ ان کان پوءِ ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين. اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس اولاد به هميشه لاءِ ڪوٽ لاشاريءَ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائين. نواب الهداد خان هڪ ديندار، صلح پسند ۽ صوفي منش بزرگ هو. شاهه شهيد جي درگاهه جو عقيدتمند هو ۽ جهوڪ شريف جا ڪيئي پنڌ ڪيائين ۽ هيءُ پنهنجي پيءُ وانگر وقت جو سٺو اديب ۽ صاحب ديوان شاعر هو. ”صوفي“ تخلص اختيار ڪيائين. سندس ڪلام سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ موجود آهي. فارسيءَ ۾ ”ديوان صوفي“ ته هن ويهن سالن جي عمر کان به پهرين منظوم ڪيو هو. سندس ڪلام گھڻو ڪري علمِ عروض تي چيل آهي. ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس علم عروض تي دسترس حاصل هئي، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ کانسواءِ فارسيءَ جو بلند پايه شاعر هو. زبانداني ۽ محاورن جي جڙاءَ سان مجازي عشق جي رعناين کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪري، هڪ سٺي شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف، وحدت، عشق ۽ محبت جون حقيقتون بيان ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1238.00.00  هجري

الهداد خان صوفي نواب: نواب الهداد خان صوفي ، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238هه/1823ع ۾ ڄائو .


1823.00.00  عيسوي

الهداد خان صوفي نواب: نواب الهداد خان صوفي ، فقير نواب ولي محمد خان لغاري جو ٽيون نمبر پٽ هو ۽ 1238هه/1823ع ۾ ڄائو .


1847.00.00  عيسوي

سنڌ تي انگريزن جي قبضي کانپوءِ 1847ع ۾ انگريز حڪومت ۾ سيوهڻ جو مختيار ڪار مقرر ٿي رهيو


1300.01.18  هجري

ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين . اتي ئي دفن ڪيو ويو .


1882.00.00  عيسوي

ڪوٽ لاشاريءَ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي 18 محرم 1300هه/1882ع تي وفات ڪيائين . اتي ئي دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اويس قرنيِ حضرت
شير محمد راهوجو
امينه
جسو ۽ جسراج
تسنيم احمد صديقي
اليگزينڊر ڪننگھام
آچار ڪاڪو
سويتا ڪيسواڻي
ڄام هالو
افتخار محمد چوڌري جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون